جوڳيا 1

جوڳيا: ڄؤرون هڻي خراب رت ڪڍڻ وارا. اڳوڻا طبيب گھڻين بيمارين کي رت جي خرابيءَ جو سبب چوندا هئا، ان جي علاج واسطي خراب رت ڄؤرن وسيلي ڪڍرائڻ جو بندوبست ڪندا هئا. ان لاءِ ڪن حالتن ۾ ’سِر ڇوڙيندا‘ هئا ته ڪن حالتن ۾ خراب رت ڄؤرن کان چوسائي ڪڍرائيندا هئا. ڄؤر رت چوسيندڙ جيت آهي، جنهن کي جوڳيا ذات جا ماڻهو پالي ۽ سنڀالي طبيبن جي ڏس موجب رت ڪڍندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو